تازه خبرون

رانديون

October 17, 2021 5:40 pm

16 ٽيمون هڪ ڪپ: ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شامل ٽيمون اڄ کان مقابلا ڪنديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ اڄ کان گڏيل عرب امارات ۽ عمان ۾ شروع ٿي رهيو آهي.

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پھرين رائونڊ ۾ ڇھ ڪواليفائر ۽ نائين ۽ ڏھين نمبر تي موجود ٽيمون ، بنگلاديش ۽ سري لنڪا شامل آھن.

ھن مرحلي کان ، جيڪو 17 کان 22 آڪٽوبر تائين ھلندو ، چار ٽيمون سپر 12 ۾ ٻين ٽاپ 8 ٽيمن سان شامل ٿينديون ۽ سپر 12 جي ويڙھ 23 آڪٽوبر تي شروع ٿيندي.

پهريون ميچ پاپوا نيو گني ۽ ميزبان عمان وچ ۾ آچر تي مسقط ۾ ٿيندو ، جڏهن ته ٻيو ميچ ساڳئي گرائونڊ تي بنگلاديش ۽ اسڪاٽ لينڊ وچ ۾ ٿيندو.

ايونٽ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم ٽائيٽل جو دفاع ڪندي جڏهن ته ٻيون ٽيمون ٽرافي کٽڻ جي ڪوشش ڪنديون.

اهو مقابلو ايندڙ چار هفتن تائين جاري رهندو ۽ چيمپئن جو فيصلو 14 نومبر تي ڪيو ويندو.

وڌيڪ پڙهو: