اهم خبرون

سنڌ

May 19, 2022 3:36 pm

الله ڏنو ملڪ دشمن اداري را سان رابطي ۾ هو،ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي

سي ٽي ڊي گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ مبينا مقابلي دوران مارجي ويل صدر ڌماڪي جي ماسٽر مائنڊ جا ثبوت ميڊيا آڏو پيش ڪندي چيو آهي ته مارجي ويل صدر ڌماڪي جو ماسٽر ملڪ دشمن اداري را رابطي ۾ هو، آءِ ڊي ٺاهڻ جو ماهر هو.

ڪراچي ۾ مرتضيٰ وهاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي آءِ جي، سي ٽي ڊي خرم علي چيو ته ڪراچي ۾ مبينا مقابلي دوران مارجي ويل صدر ڌماڪي جو ماسٽر مائنڊ الهڏنو جو تعلق عمرڪوٽ سان هو ۽ آءِ ڊيز ٺاهڻ جو ماهر هو.

ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي دعويٰ ڪئي ته الله ڏنو ملڪ دشمن اداري را سان رابطي ۾ هو، جنهن کي ايران مان اصغر شاهه ذريعي فنڊنگ ٿيندي هئي.

هن چيو ته جوابدار گزري واري علائقي ۾ رهندو هو ۽ سندس ساٿي نواب به ساڻس گڏ رهندو هو، جيڪو ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪن ۾ پڻ ملوث هو.

سي ٽي ڊي موجب جوابدارن کي مختلف ذريعن کان پوڻا ٻه لک رپيا مليا هئا، جوابدار ريلوي ٽريڪ تي 10 کان 20 هزار رپين ۾ ڌماڪا ڪندا هئا، ڪراچي ۾ ٿيل ڌماڪن جا کين هڪ لک رپيا ملندا هئا.

ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي وڌيڪ ٻڌايو ته صدر ۽ بولٽن ڌماڪن ۾ ساڳئي نوعيت جو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو، مني ٽريل مان معلوم ٿيو آهي ته جوابدارن کي ڀارت مان فنڊنگ ٿي آهي، هي را کان ٽريننگ به وٺي آيا هئا.

ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي خرم علي وڌيڪ چيو ته جوابدارن ڏٺو ته ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪن سان ڪجهه نٿو ٿئي، انڪري دهشت پکيڙڻ لاءِ ڪراچي ۾ ڪارروايون ڪيون.

وڌيڪ پڙهو: