سنڌ

January 10, 2022 11:51 am

نيب کان منظور وساڻ خلاف انڪوائري جاري رکڻ يا بند ڪرڻ بابت جواب طلب

سنڌ هاءِ ڪورٽ پيپلز پارٽي اڳواڻ منظور وساڻ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس جي انڪوائري جاري رکڻ يا بند ڪرڻ بابت نيب کان جواب طلب ڪري ورتو آهي،

منظور وساڻ چيو آهي ته حڪومت قائم رهندي يا نه؟، وزيراعظم ڪو ٻيو ايندو يا نيون چونڊيون ٿينديون؟ ايندڙ ٽَي مهينا وڏي اهميت وارا آهن،

گڙ ٻڙ پئي لڳي ، حڪومت ويندي يا وري مائنس ون ٿي سگهي ٿو، پي ٽي آءِ مان ڪو ٻيو وزيراعظم به اچي سگهي ٿو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري نيب ريفرنس ۾ نامزد پ پ اڳواڻ منظور وساڻ جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي هلائي.

عدالت نيب کان منظور وساڻ خلاف انڪوائري جاري رکڻ يا بند ڪرڻ بابت جواب طلب ڪيو.

نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته منظور وساڻ خلاف انڪوائري بند ڪرڻ بابت هيڊ ڪوارٽر کي معاملو موڪليو هو،

هيڊ ڪوارٽر نيب سکر جي رپورٽ تي اعتراض لڳايا هئا،  هيڊ ڪوارٽر مان منظوري ملڻ تائين مهلت ڏني وڃي.

عدالت نيب کي ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيلي جواب پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

وڌيڪ پڙهو: