پاڪستان

تازه خبرون

November 15, 2021 1:08 pm

گلگت بلتستان جَي اڳوڻي چيف جسٽس رانا ايم شميم حلفي بيان ۾ سپريم ڪورٽ جَي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار بابت اهم انڪشاف

گلگت بلتستان جَي اڳوڻي چيف جسٽس رانا ايم شميم حلفي بيان ۾ سپريم ڪورٽ جَي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار بابت اهم انڪشاف ڪيو آهي،

جڏهن ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار  حلفي بيان ۽ خبر حقيقت جي ابتڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته رانا ايم شميم چيف جسٽس طور عهدي جي ايڪسٽينشن گهري رهيو هو،

جيڪا واڌ مون منظور نه ڪئي.

گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا ايم شميم پنهنجي تصديق ٿيل حلف نامي ۾ چيو آهي ته هـُو انهيءَ واقعي جو گواهه آهي ته جڏهن ان وقت جي چيف جسٽس پاڪستان ثاقب نثار هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج کي حڪم ڏنو هو ته 2018ع جي عام چونڊن کان اڳ نواز شريف ۽ مريم نواز کي ضمانت تي آزاد نه ڪيو وڃي.

گلگت بلتستان جي سينيئر ترين جج پاڪستان جي سينيئر ترين جج جي حوالي سان پنهنجي حلفي بيان ۾ لکيو آهي ته ميان نواز شريف ۽ مريم نواز عام چونڊون منعقد ٿيڻ تائين جيل ۾ رهڻ گهرجن، جڏهن ٻئَي پاسي کان خاطري ملي ته هـُو پرسڪون ٿي ويو ۽ چانهه جو هڪ ٻيو ڪوپ طلب ڪيو.

دستاويز موجب رانا ايم شميم اهو بيان اوٿ ڪمشنر جي سامهون 10 نومبر 2021ع تي ڏنو آهي، حلف نامي تي چيف جسٽس گلگت بلتستان جي صحيح ۽ سندس سڃاڻپ ڪارڊ جو نقل به لڳل آهي.

سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته منهنجي حوالي سان خبر حقيقت جي ابتڙ آهي، ايم رانا شميم چيف جسٽس طور عهدي جي ايڪسٽينشن گهري رهيو هو، جيڪا واڌ مون منظور نه ڪئي.

اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار پنهنجي رد عمل ۾ وڌيڪ چيو آهي ته ماتحت ججز کي ڪنهن به عدالتي فيصلي بابت ڪي به حڪم نه ڏيڻ کپن، ڀلي اهو حڪم نواز شريف، شهباز ۽ مريم نواز خلاف هجي يا ڪنهن ٻئي خلاف هجي..

وڌيڪ پڙهو: