تازه خبرون

سنڌ

October 11, 2021 4:38 pm

12 ربيع الاول جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو

سنڌ جي گهرو وزارت 12 ربيع الاول جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب سنڌ حڪومت 12 ربيع الاول جي موقعي تي سموري صوبي ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان سنڌ جي گهرو وزارت باضابطه نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب 19 آڪٽوبر تي سموري صوبي ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي. جڏهن ته هٿيار کڻي هلڻ جا سمورا اجازت ناما به ملتوي ڪيا ويا آهن. سنڌ جي گهرو وزارت موجب پابندي چپ تعزيي ۽ ميلاد جي محفلن تي نه هوندي.
پابندي لائسنس وارا هٿيار کڻي هلڻ، لائوڊ اسپيڪر جي استعمال سميت چڙ ڏياريندڙ تقريرن تي ٻڌل آڊيو ۽ وڊيو بيانن تي هوندي.

وڌيڪ پڙهو: