ڪراچي: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ ۾ چونڊ فهرستن جي نظرثاني ۽ گھر گھر وڃي ووٽرن جي تصديق جي عمل جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ رجسٽرڊ آفيسرن ۽ اسسٽنٽ آفيسرن جي مقرري ۽ حدون ٻڌايون ويون آهن.
ووٽرز فهرستن جي نظرثاني جو عمل 7 نومبر کان شروع ٿيندو ۽ گھر گھر تصديق مشق ۾ فوتي ماڻهن کي ووٽرز فهرستن مان ڪڍيو ويندو.
اليڪشن ڪميشن آرٽيڪل 140 تحت بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو پابندي آهي جنهن جو چونڊ فهرستن جي نظرثاني کان پوءِ امڪان آهي.
سنڌ ۾ تڪ بندين تي ڪم شروع نه ٿي سگھيو. ووٽرز فهرستن جي نظرثاني کان پوءِ سنڌ ۾ نئين تڪ بندين تي ڪم شروع ٿيندو.