پ پ اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان گيس جي بحران بابت جاچ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته حڪومت سيارو اچڻ کان اڳ ئي 15 ڪلاڪن جي گيس لوڊشيڊنگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾سينيٽر شيري رحمان چيو ته حڪومت جي نااهلي سبب صنعتون بند ۽ چلها وسامي رهيا آهن.
پ پ اڳواڻ چيو ته ٽن سالن ۾ گيس جي قيمتن ۾ 350 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته وقت تي ايل اين جي ڪارگو جي خريداري حڪومت کي ٽن سالن ۾ سمجهه ۾ نه آئي آهي.