پاڪستان

تازه خبرون

October 28, 2021 4:44 pm

گهرو وزارت ۾ پابندي پيل ٽي ايل پي سان ڳالهيون، سعد رضوي به موجود

حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن.

ٽي ايل پي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڳالهيون گهرو وزارت جي سرپرستي ۾ ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ تحريڪ لبيڪ جو سربراهه سعد رضوي ۽ مفتي عمير الازري به شامل آهن.

ٽي ايل پي جي ترجمان موجب علامه غلام عباس فيضي به حڪومت سان ڳالهين واري وفد ۾ شامل آهي.

پابندي مڙهيل تنظيم جي ترجمان چيو ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان پنهنجي مطالبن تي قائم آهي، ڳالهين ۾ پنهنجا مطالبا پيش ڪنداسين، اسان جو پهرين ڏينهن کان هڪ ئي مطالبو هو ته فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪيو وڃي.

ياد رهي ته وفاقي ڪابينا پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ وفاقي وزير اسد عمر الزام هنيو آهي ته ٽي ايل پي کي پرڏيهي فنڊنگ جا ثبوت مليا آهن.

وڌيڪ پڙهو: