سنڌ

October 29, 2021 2:28 pm

گذريل 4 سالن کان انصاف لاءِ دربدر آهيان : ام رباب چانڊيو

دادو جي عدالت ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 6 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

فرسٽ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ دادو ۾ سردار خان چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت مهينو اڳ سردار خان چانڊيو ۽ برهان چانڊيو کي ام رباب چانڊيو جي گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ جوابدار قرار ڏنو هو،.

قتل ڪيس ۾ جوابدار مرتضيٰ چانڊيو، ذوالفقار، علي گوهر ۽ سڪندر جيل حوالي ٿيل آهن.

ام رباب چانڊيو جو چوڻ آهي ته گذريل 4 سالن کان انصاف لاءِ دربدر آهيان، سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي.

هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته  گاڏي ٽڪرائي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جاگيردارن خلاف جدوجهد جاري رهندي..

سردار خان چانڊيو جو چوڻ آهي ته اسان هر حاضري تي اچي رهيا آهيون، الزام بي بنياد آهن

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، فريادي ڌر کي سياسي مخالف استعمال ڪري رهيا آهن..

وڌيڪ پڙهو: