پاڪستان

October 24, 2021 2:07 pm

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سموري ملڪ ۾ وڌيڪ 591 ڪرونا وائرس جا نوان ڪيسز رپورٽ

ملڪ ۾ ڪرونا  وائرس وڌيڪ 18 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، جنهن بعد فوتين جو تعداد وڌي ڪري 28 هزار 377 ٿي ويو.

نيشنل  ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران سموري ملڪ ۾ وڌيڪ 591 ڪرونا وائرس جا نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

اين سي او سي مطابق  متاثرن جو مجموعي تعداد 12 لک 68 هزار  536 ٿي ويو،.

جاري ڪيل رپورٽ مطابق ملڪ ۾ هڪ ڏينهن اندر 43 هزار 522 نيون ٽيسٽون ڪيون ويون.

اين سي او سي پورٽل مطابق مثبت ڪيسز جي شرح هڪ ڏهائي ٽي پنج سيڪڙو ٿي وئي.

وڌيڪ پڙهو: