ملڪ ۾ گئس جي امڪاني بحران کان بچڻ جي لاءِ پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ تاريخ جو مهانگو ترين ايل اين جي ڪارگو خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب نومبر لاءِ پي ايل اين جي لميٽيڊ هڪ ايل اين جي ڪارگو 30.65 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ۾ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته نومبر ۾ 2 ايل اين جي ڪارگوز سپلائي کان 2 عالمي ڪمپنين معذرت ڪئي هئي. هي ايل اين جي ڪارگوز 19 کان 20 نومبر ۽ 26 کان 27 نومبر تي ڊيليور ٿيڻا هئا.
ذريعن چيو آهي ته ٻنهي ڪارگوز لاءِ پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ هنگامي ٽينڊر جاري ڪيا هئا. ان هنگامي ٽينڊرز تي ايل اين جي سپلاءِ لاءِ 31 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو تائين ٻوليون لڳيون هيون. ذريعن موجب 26 کان 27 نومبر جي سپلائي لاءِ 30.65 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يووالا ڪارگو خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته 19 کان 20 نومبر جي ڊليوري لاءِ ايل اين جي ڪارگوز کي حاصل ڪرڻ جون ڪوششون به جاري آهن.
ذريعن ٻڌايو آهي ته عالمي ڪمپنين جي رد ڪيل 2 ڪارگوز جي بحالي لاءِ به ڳالهيون جاري آهن. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي وزير حماد اظهر به هلندڙ سال سياري جي موسم ۾ گيس جي سخت کوٽ جي حوالي سان تيار رهڻ جو چئي چڪا آهن.