سنڌ

November 14, 2021 12:38 pm

ڪچي ۾ وڏي آپريشن جون تياريون شروع

ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف گرينڊ آپريشن کانپوءِ قائم ڪيل نئين پوليس چوڪي تي گذريل رات ڌاڙيلن مبينا حملو ڪري ايس ايڇ او سميت ٽن اهلڪارن کي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ٻيهر ڪچي ۾ وڏي آپريشن جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن.

ڳڙهي تيغو ۾ نئين ٺهيل  پوليس  چوڪي تي گذريل رات ڌاڙيلن جو حملو ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او رالف پٺاڻ ۽ اهلڪار  واحد بخش ڀٽو سميت ٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا.

زخمي ٿيل اهلڪارن کي شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب ايس ايڇ او رالف پٺاڻ کي سکر جي خانگي اسپتال نيو ويو.

ٻئي طرف شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس واقعي کانپوءِ ڌاڙيلن جا پيرا کڻي ڪچي ۾ رواني ٿي وئي آهي.

ايس ايڇ او ناپرڪوٽ دعويٰ ڪئي آهي ته ڌاڙيلن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جلد وڏو آپريشن ڪري سندن گهيرو تنگ ڪيو ويندو..

وڌيڪ پڙهو: