ڪي اليڪٽرڪ پاران ڪراچي واسين مٿان بجلي ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون، ڪي اليڪٽرڪ بجلي اگهن ۾ في يونٽ 3 رپيا 45 پئسا واڌ لاءِ نيپرا کي درخواست ڏئي ڇڏي.
ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته سيپٽمبر جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ تي 3 رپيا 45 پئسا واڌ ڪئي وڃي.
ذريعن مطابق بجلي اگهن ۾ واڌ ٿيڻ جي صورت ۾ ڪراچي جي واهپيدارن تي 6 ارب 64 ڪروڙ جو بار پوندو.
نيپرا پاران ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ٻڌڻي 3 نومبر تي ڪئي ويندي..
واضح رهي ته ملڪ جي ٻين صارفين لاءِ به بجلي جي قيمت ۾ وڌيڪ ٻه رپيا 65 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي،سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي جي قيمت ۾ اضافي جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي..