ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين کي فيبروري جي بلن ۾ وڏو رليف ملندو.
نيشنل پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڊسمبر 2022ع لاءِ ڪي اليڪٽرڪ جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
نيپرا جي نوٽيفڪيشن موجب ڊسمبر جي مهيني لاءِ ڪي اليڪٽرڪ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ (ايف سي اي) ۾ 10 رپيا 80 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ڪي اليڪٽرڪ 10 رپيا 26 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست ڪئي هئي، اٿارٽي 31 جنوري 2023 تي ايف سي اي تي عوامي ٻڌڻي ڪئي.
نومبر کان اڳ FCA صارفين تي 7.43 پئسا في يونٽ جي گهٽتائي سان چارج ڪيو ويو، جيڪو صرف 1 مهيني لاء هو.
نيپرا موجب ڊسمبر جي ايف سي اي تي نومبر جي ڀيٽ ۾ 3 رپيا 37 پئسا في يونٽ گهٽ هوندو، اهو صرف هڪ مهيني لاءِ لاڳو هوندو.
اهو لائف لائين صارفين، 300 يونٽن تائين گهريلو صارفين، زرعي صارفين ۽ برقي گاڏين جي چارجنگ اسٽيشنن تي لاڳو نه ٿيندو.
نيپرا جو چوڻ آهي ته بجلي صارفين کي فيبروري جي بجلي جي بلن ۾ رليف ملندو.