تازه خبرون

سنڌ

صحت

October 12, 2021 2:48 pm

ڪينسر جي 8 هزار کان وڌيڪ مريضن جون زندگيون داءُ تي

عوام کي صحت جون سڀئي سهولتون ڏيڻ جي دعويٰ ڪندڙ سنڌ حڪومت ڪينسر جي 8 هزار کان وڌيڪ مريضن جون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون، صحت کاتي پاران دوائون بند ڪرڻ جي حڪم کانپوءِ سنڌ جي مختلف علائقن مان سول اسپتال ڪراچي پهتل مريضن کي هٿين خالي موٽايو ويو.

سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ڪينسر جي مريضن کي مفت ملندڙ دوائون بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ مريضن جون زندگيون خطري ۾ پئجي ويون آهن.

صحت واري وزير جي حڪمن کانپوءِ ڪراچي جي سول اسپتال ۾ قائم يونٽ ۾ سڄي سنڌ مان دوائن لاءِ آيل مريضن کي دوائون نه ڏنيون ويون، جنهن سبب اهي هٿين خالي واپس موٽي ويا.

مريضن جي وارثن جو چوڻ هو ته ڪينسر جي مرض جون دوائون انتهائي مهانگيون آهن، جنهن ڪري اهي خريد ڪري نٿا سگهن.

وڌيڪ پڙهو: