سنڌ

November 8, 2021 12:32 pm

ڪوشش آهي ته حڪومت خلاف سموريون مخالف جماعتون هڪ پيج تي اچن : سيد خورشيد شاهه

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي جو آهي، ڪوشش آهي ته حڪومت خلاف سموريون مخالف جماعتون هڪ پيج تي اچن.

سکر ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم مهانگائي سبب عوام کي 120 ملين جي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو،

ساڳئي ڏينهن وري 9 رپيا پيٽرول وڌائي 200 ملين جو عوام مٿان بار وڌو ويو.

هن چيو ته ملڪ ۾ 90 سيڪڙو غريب ۽ 10 سيڪڙو امير پيٽرول استعمال ڪن ٿا، پ پ جي 2008 واري حڪومتي دور ۾ گوشت 7 سئو رپيا ۽ هاڻي 12 کان 13 سئو رپيا وڪرو ٿي رهيو آهي،

موجودہ حڪومت بجلي به تمام گهڻي مهانگي ڪري ڇڏي آهي..

خورشيد شاهه هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سياست ۾ آخري ڪو به فيصلو ناهي هوندو، استعيفا نه ڏيڻ جا مخالف ڌر کي فائدا پهتا ۽ هن سيٽون کٽيون، سڀني سان سٺا لاڳاپا آهن، ڪوشش هوندي ته مخالف ڌر هڪ پيج تي هجي..

وڌيڪ پڙهو: