پاڪستان

November 5, 2021 1:59 pm

ڪنيٽنر تي بيھي تقريرون ڪندو ھو ته مھانگائي ٿيندي آھي ته انھي جو مطلب وزيراعظم چور آھي

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن پاران ٽي ايل پي سان ٺاهه ۽  پيٽروليم شين جي اگھن ۾ واڌ ۽ مهانگائي تي بحث جو مطالبو،

ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته رات جي اوندهه ۾ پيٽرول بم ڪيرايو ويو ،ھڪ رات اڳ ۾ رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو،

ٻي ڏينھن پيٽرول جو اگھه وڌايو ويو آھي، ڀارت ۾ تيل سستو ٿيو آھي اھي به عالمي منڊي مان تيل وٺن ٿا اسان به عالمي منڊي مان وٺون ٿا،

حڪمران تيل کي 170 رپيا في ليٽر تي وٺي وڃڻ گهرن ٿا ، کنڊ رات پيٽ ۾ 160 رپيا في ڪلوگرام ٿي وئي ، جنھن پيڪيج جو اعلان ڪيو،

ان کي ڪجهه به سمجھه ۾ نٿو اچي، اھو شخص ڪٿي آھي جيڪو ڪنيٽنر تي بيھي تقريرون ڪندو ھو ته مھانگائي ٿيندي آھي ته انھي جو مطلب وزيراعظم چور آھي،

عوام سان وڏو فراڊ ٿيو آھي انھي شخص جو روپ ھڪ ھو ٻھروپ ٻيو ھو، اسان سڀني کي عوام کان ووٽ وٺڻو آھي..

وڌيڪ پڙهو: