سنڌ

November 4, 2021 12:01 pm

ڪمند جي قيمت 250 رپيا في 40 ڪلو گرام مقرر ڪرڻ جي منظوري

سنڌ ڪابينا ڪمند جي قيمت اڍائي سئو رپيا في 40 ڪلو گرام مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏيندي 15 نومبر کان پيڙائي شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪمند جي ڪريشنگ سيزن پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿيندي آهي ۽ 30 جون تي ختم ٿيندي آهي.

سنڌ ڪابينا وڌ کان وڌ دير سان به 15 نومبر کان ڪريشنگ شروع ڪرڻ جي تجويز ڏيندي ڪمند جي قيمت 250 رپيا في 40 ڪلو گرام مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ ڪابينا کي ڪڻڪ جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت 2020ع ۽ 2021ع ۾ ڪڻڪ جي قيمت 2 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪئي هئي،

جڏهن ته وفاق 1800 رپيا في 40 ڪلو گرام مقرر ڪئي هئي.

ڪابينا ميمبرز زراعت کاتي کي سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان ڪڻڪ جي قيمت تي مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڀاڻ ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي..

ڏئي ڇڏي، وڌ ۾ وڌ 15 نومبر کان ڪريشنگ شروع ڪرڻ جي تجويز، زراعت کاتي کي سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ ڪڻڪ جي امدادي قيمت تجويز ڪرڻ جي هدايت،

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس دوران سال 2021ع لاءِ توانائي پاليسي جي به منظوري ڏني وئي،

پهرين مرحلي ۾ ڪچري مان ڪراچي اندر بجلي پيدا ڪئي ويندي، ٻَي فيز ۾ اها پاليسي صوبي جي ٻين شهرن ۾ شروع ڪئي ويندي..

وڌيڪ پڙهو: