تازه خبرون

سنڌ

October 27, 2021 4:41 pm

ڪشميرين سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون

ڪشميرين سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي ڀارت خلاف نعريبازي ڪئي پئي وڃي.

قمبر ۾ بوائز هاءِ اسڪول کان ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر قاضي سردار احمد، اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالسميع لهر ۽ ٽي او تعليم سرمد حسين مهر جي اڳواڻي ۾ مختلف کاتن جي عملدارن ۽ اسڪولي شاگردن ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي.

ڪنڊيارو ۾ ڪشميرين مٿان ڀارتي ظلم خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ مختلف کاتن جي ملازم اسڪولي شاگردن پاران اسٽار چونڪ کان ريلي ڪڍي وئي.

مٺي ۾ تعليم کاتي ضلعي انتظاميه ۽ مختلف اسڪولن پاران ڪشميرين سان اظھار يڪجهتي جي لاءِ غلام نبي ساهڙ ، راجيش گوئيل، ڪيلاش لوڍا ، انور ساهڙ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

دادو ۾ استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج طرفان ليڪچر پروگرام جي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پرنسيپال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو پروفيسر محمد عرفان ڪلھوڙو، پروفيسر قاضي سڪندر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ضلعي انتظاميه شھيد بينظير آباد پاران ڊپٽي ڪمشنر عامر حسين پنهور، اسسٽنٽ ڪمشنر قدير گجر، گسٽا اڳواڻ مير خان زرداري، جاويد انڙ، غلام مصطفيٰ ٻگھيو، حضور بخش سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي نواب شاھ پريس ڪلب پھتي.

ٽنڊو آدم ۾ والاريل ڪشمير تي ڀارت جي قبضي خلاف محمدي چوڪ کان اسسٽنٽ ڪمشنر غلام دستگير شيخ، سي ايم او همايون عمران راجپوت، ڊي ايس پي عطا محمد ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

سانگهڙ، مٽياري، هالا، ٽنڊو محمد خان، ميرواهه گورچاڻي،بدين، ڪنري ۽ ٻين شهرن ۾ به ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ ريليون ڪڍيون پيون وڃن.

اڳواڻن چيو ته ڀارت جي ظلم ۽ جبر خلاف پاڪستان مظلوم ڪشميرين سان گڏ آهي، کين آزادي ڏيارڻ تائين جدوجهد جاري رهندي.

هنن عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي ته يو اين ٺاهن تي عمل ڪندي ڪشمير کي ڀارت کان آزادي ڏياري وڃي.

وڌيڪ پڙهو: