ڊيري مافيا 8 نومبر کان کير 10 روپيه ليٽر مهانگو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب ڪراچي ۾ ڊيري مافيا 8 نومبر کان کير 10 روپيه ليٽر اضافي اجو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ کير جي قيمت 130 روپين مان وڌي 140 روپيه في ليٽر ٿي ويندي.
ڊيري اينڊ ڪيٽل فارمرز ايسوسيئيشن موجب کير جي قيمت ۾ 10 روپين جو اضافو اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهي. ٻن مهينن کان پوءِ في ليٽر قيمت ۾ وڌيڪ 30 روپيه اضافو ڪيو ويندو. ٻئي طرف ماهرن چيو آهي ته قيمتون مقرر ڪرڻ جي حوالي سان قائم ڪميٽي جون سفارشون سامهون اچڻ کان اڳ ئي اضافو غيرقانوني آهي. ڪمشنر ڪراچي جي صدارت هٺ 25 آڪٽوبر ۽ 4 نومبر تي لاڳاپيل ايسوسي ايشنز جا اجلاس منعقد ٿي چڪا آهن.
ماهرين جو چوڻ آهي ته ٽيڪنيڪي حوالي سان سياري جي ۾ موسم ۾ اضافو نٿو ٿي سگهي. سياري ۾ کير جي ڪمرشل کهپت گهٽ ٿي ويندي آهي. آئس ڪريم، لسي، قلفي، کير، فالوده ۽ کير سان تيار ٿڌين شين جي وڪرو ڪري پوندو آهي. سياري ۾ مينهن جي کير جي مقدار ۾ به 25 سيڪڙو اضافو ٿي ويندو آهي.
سياري ۾ کير جا عارضي اسٽال ۽ دڪانون لڳائي کير سستو ڪيو ويندو آهي. گرمي پد گهٽ ٿيڻ سان کير خراب نه ٿيندو آهي ۽ ٽرانسپورٽ به آسان ٿي ويندي آهي جڏهن ته پري وارن علائقن مان به کير منڊي ۾ اچڻ شروع ٿي ويندو آهي.