ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ تيزاب حملي ۾ صائما نالي خواجا سرا مارجي ويو، جوابدار جو اڃا پتو نه پئجي سگهيو آهي.
ڪورنگي ۾ هڪ جوابدار خواجا سرا تي تيزاب اڇلائي فرار ٿي ويو ، زخمي خواجا سرا صا.مها کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو ، جتي هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.
خواجا سرا جي مارجڻ جي خبر ٻڌي ڪيترائي خواجا سرا سول اسپتال پهچي احتجاج ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.