ڪراچي: ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ڀارت خلاف ڪاميابي جي خوشي ۾ ڪيل فائرنگ جي نتيجي ۾ 12 ماڻهو زخمي ٿي پيا.
پاڪستان جي ڪاميابي کانپوءِ سڄي شهر ۾ اڻڄاتل ماڻهن انڌادنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس سب انسپيڪٽر سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس موجب فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ ۾ ٻارڙا به شامل آهن.
پوليس ٻڌايو ته فائرنگ جا واقعا سچل ڳوٺ، اورنگي ٽائون، نيوڪراچي، ناظم آباد، سمن آباد، گلشن اقبال، ماڊل ڪالوني ۽ اسٽيڊيم روڊ تي پيش آيا.