سنڌ

October 12, 2021 4:48 pm

ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جون ڪارروايون، 5 جوابدار گرفتار

ڪراچي پوليس عورتن کي حراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪ عورت سميت گرفتار ڪيل 7 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪري ٻن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ وٺي ڇڏيو، ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم زون ڪراچي ۽ ٽنڊو آدم ۾ وڌيڪ ڪاررواين دوران 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

ڪراچي جي فريئر ٿاڻي جي پوليس عورتن کي حراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل عورت سميت ست ڄڻن کي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪري ريمانڊ جي استدعا ڪئي.

عدالت جوابدارن شيرمحمد، حڪيم، سعيد زمان، مسمات آريا ۽ ٻين کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم زون پاران ڪراچي ۽ ٽنڊو آدم ۾ مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪيون ويون، جنهن دوران 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

ايف آءِ اي موجب جوابدارن اشرف حسين، محمد جنيد، وحدت نديم، امتياز علي ۽ عديل شامل آهن، جيڪي عورتن کي حراسان ڪرڻ، فحش تصويرون ۽ وڊيوز پکيڙڻ ۾ ملوث آهن.

وڌيڪ پڙهو: