سنڌ

May 19, 2022 4:45 pm

ڪراچي ۾ اورينج لائين بس سروس شروع ٿيڻ جو وقت ويجهو اچي ويو،

ڪراچي ۾ اورينج لائين بس سروس شروع ٿيڻ جو وقت ويجهو اچي ويو، بسون بندرگاهه تان ڪليئر ٿيڻ کانپوءِ ڊيپو منتقل ڪيون ويون آهن.

اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته عبدالستار ايڌي اوينج لائين جي 20 بسن جي کيپ ڪراچي بندرگاهه تان ڪليئر ٿيڻ کانپوءِ ڊيپو منتقل ڪئي وئي آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته روٽ تي آءِ ٽي ايس سسٽم جي انسٽاليشن ۽ بس ڊرائيورز جي تربيت بعد جلد اورينج لائين بس سروس شروع ڪئي ويندي.

هن چيو ته اورينج لائين ڪوريڊور تان اورنگي بنارس ۽ نارٿ ناظم آباد ۽ ڀرپاسي جي شهرين کي محفوظ ۽ بهتر سهولتون فراهم ڪيون وينديون، 3 ڪلو ميٽر کان وڌيڪ هي روٽ اورنگي ٽائون جي ٽائون ميونسپل آفيس کان وٺي ناظم آباد ۾ عورتن لاءِ قائم جناح يونيورسٽي تائين آهي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪوريڊور جون 4 جديد سهولتن واريون اسٽيشنز تعمير ڪيون ويون آهن، لڳ ڀڳ روزانو 50 هزار ماڻهو سفر ڪندا.

وڌيڪ پڙهو: