سنڌ

October 31, 2021 5:34 pm

ڪراچي پوليس جي يارنهن عورت آفيسرن کي انسپيڪٽر جي عهدن تي ترقيون ڏنيون

ڪراچي: انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ پوليس مشتاق مهر ڪراچي پوليس جي 11 عورت آفيسرن کي انسپيڪٽر جي عهدن تي ترقيون ڏنيون.

سينٽرل پوليس آفيس جي اسٽيبلشمينٽ ڊپارٽمينٽ موجب آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ڪراچي پوليس جي ليڊي سب انسپيڪٽرز کي انسپيڪٽر جي عهدن تي ترقيون ڏنيون.
اختيارين ٻڌايو ته ڪيتريون ئي عورت پوليس سب انسپيڪٽرز مختلف سببن جي ڪري اڳين عهدن تي ترقين کان محروم آهن.

اي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ پوليس سنڌ مقدس حيدر موجب انسپيڪٽر جي عهدن تي ترقين جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب شازيا پروين، آمنا راڻي، عظميٰ خان، عاتقا پنهور، ناهيد صادق، حنا مغل، عاشي وحيد، عمارا نسيم، رضوانا خانم، شامي مجاهد ۽ نصرت علي شامل آهن.
ڪراچي جي نبي بخش ٿاني ۾ مقرر ليڊي سب انسپيڪٽر تسليم کي ٽي شوڪاز نوٽيس التوا ۾ هجڻ جي ڪري ترقي عارضي طور تي روڪي وئي آهي.

وڌيڪ پڙهو: