اهم خبرون

سنڌ

April 26, 2022 4:02 pm

ڪراچي يونيورسٽي اندر وين اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽن چيني استادن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا

ڪراچي يونيورسٽي اندر وين اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽن چيني استادن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، پوليس ڌماڪو آپگهاتي هئڻ جو خدشو ظاهر ڪندي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پوليس موجب ڪراچي يونيورسٽي اندر چيني ٻولي پڙهائيندڙ استادن جي وين اندر  ڪنفيوشس  ڊپارٽمينٽ وٽ ڌماڪو ٿيو، جنهن بعد گاڏي کي باهه وڪوڙي وئي.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ وين ۾ سوار 3 چيني استاد ۽ هڪ ڊرائيور مارجي ويو، مارجي ويلن ۾ 2 چيني عورت استاد ۽ هڪ مرد شامل آهن، جن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا.

اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته استادن جي گاڏي کي ٻاهر کان آيل موٽرسائيڪل ٽڪر هنيو، جنهن بعد ڌماڪو ٿيو.

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ ڌماڪو آپگهاتي هئڻ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو ته ڌماڪي ۾ عورت آپگهاتي بمبار ملوث ٿي سگهي ٿي، جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ان حوالي سان خبر پئجي ويندي.

ڊي آءِ جي ايسٽ جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 3 کان چار ڪلو وزني بارودي مواد استعمال ٿيو آهي، ڌماڪي ۾ عورت بمبار ملوث هئي يا نه، ان حوالي سان تصديق ناهي ٿي سگهي، سي سي ٽي وي فٽيجز مان خبر پوندي.

ڊي آءِ جي ايسٽ چيو ته ڌماڪي جو نشانو بڻيل گاڏي تي بال بيئرنگ جا نشان موجود آهن، واقعو تخريبڪاري جو نتيجو آهي، سلينڊر ڦاٽڻ جا ثبوت ناهن مليا.

وزيراعظم شهباز شريف ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي چيني شهرين جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو.

وزيراعظم مارجي ويلن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

وڌيڪ پڙهو: