سنڌ

December 7, 2021 3:09 pm

ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا سنڌي شاگرد سٿ کي ايڪتا ريلي ڪڍڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا سنڌي شاگرد سٿ کي ايڪتا ريلي ڪڍڻ کان روڪي ڇڏيو،

شاگردن ايڊمن بلاڪ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، شاگردن جو چوڻ آهي ته ثقافتي پروگرام ڪوٺائڻ لاءِ انتظاميا کي لکت ۾ درخواستون به ڏنيون هيون ان باوجود روڪيو پيو وڃي، يونيورستي انتظاميا موجب ريلي بنا اجازت جي ڪڍي پئي وڃي.

سنڌي شاگرد سٿ ڪراچي يونيورسٽي پاران ايڪتا جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، جنهن کي  يونيورسٽي انتظاميا روڪي ورتوئ

ريلي کي رپوڪڻ خلاف شاگردن ايڊمن بلاڪ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

شاگردن جو چوڻ  هو ته اجازت لاءِ درخواست ڏيڻ باوجود يونيورسٽي انتظاميا ايڪتا ريلي ڪڍڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

هوڏانهن يونيورسٽي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ريلي لاءِ اجازت نه ڏني وئي آهي ان ڪري بنا اجازت ريلي ڪڍڻ نه ڏني ويندي …

وڌيڪ پڙهو: