ڪراچي جي علائقي صدر ۾ هڪ ٻئي ڪاروباري مارڪيٽ کي خوفناڪ باهه لڳي وئي آهي. صدر مارڪيٽ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ لڳندڙ خوفناڪ باهه جي بحالي جو ڪم اڃان شروع ئي ناهي ٿيو ته هڪ ٻئي مارڪيٽ ۾ باهه جو واقعو پيش آيو آهي.
فائر برگيڊ عملي موجب صدر ۾ زينب مارڪيٽ ويجهو وڪٽوريا سينٽر جي پنجين منزل تي باهه لڳي آهي جنهن کي وسائڻ جي لاءِ مرڪزي فائر برگيڊ کان علاوه صدر، منظور ڪالوني ۽ ٻين سينٽرز تان گاڏيون ۽ فائر فائٽر روانا ڪيا ويا آهن. دڪاندارن موجب اسان پنهنجي مدد پاڻ جي تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر مارڪيٽ ۾ آڪسيجن ليول گهٽ هجڻ سبب پريشاني پيش اچي رهي هئي ۽ دونهين سبب ڪيترن ئي دڪاندارن جي حالت خراب ٿي وئي.
وڪٽوريا شاپنگ سينٽر کي باهه لڳڻ بعد زينب مارڪيٽ ۽ انٽرنيشنل مارڪيٽ سميت ڀرپاسي جا دڪان بند ڪيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي ۽ ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور تي باهه تي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
ياد رهي ته وڪٽوريا سينٽر ويجهو ڪو آپريتو مارڪيٽ ۾ 3 ڏينهن اڳ باهه لڳڻ سبب 500 کان وڌيڪ دڪانون سڙي خاڪ ٿي ويون هيون.