سنڌ

December 29, 2021 3:03 pm

ڪراچي وارا ڏسندا ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ڇا ڪيو ۽ پ پ جو ڪهڙو ڪردار آهي : مرتضيٰ وهاب

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پاڪستان جو هر شهري مهانگائيءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي،

سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ سنڌ کي گئس نٿي ڏني وڃي، پاڪستان زرعي ملڪ آهي پر اڄ آبادگارن کي ڀاڻ نٿو ملي،

تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ هڪ ئي شئي ڏٺي، اها آهي صرف بحران، هاڻ عوام دشمن حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جي ضرورت آهي،

ڪراچي ۾ بهتري ۽ خدمت جو سفر شروع ٿي ويو آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ سنڌ کي گئس نٿي ڏني وڃي،

پاڪستان زرعي ملڪ آهي پر اڄ آبادگارن کي ڀاڻ نٿو ملي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ هڪ ئي شئي ڏٺي، اها آهي صرف بحران.

مرتضيٰ وهاب چيو ته پاڪستان جو هر شهري مهانگائيءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي، عوام دشمن حڪومت کان جند ڇڏائڻ ضروري آهي..

وڏو وزير سخت موقف اختيار ڪري ته اهي الزام هڻڻ شروع ڪندا آهن، هاڻ عوام دشمن حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جي ضرورت آهي،

ڪراچي جي شاهه فيصل ڪالوني ۾ مثالي پارڪ جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ بهتري ۽ خدمت جو سفر شروع ٿي ويو آهي،

ڪراچي وارا ڏسندا ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ڇا ڪيو ۽ پ پ جو ڪهڙو ڪردار آهي

وڌيڪ پڙهو: