ڪراچي جي ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ هڪ عورت جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو، لياري ۾ 4 پ پ ڪارڪنن جي قتل کانپوءِ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي.
ابراهيم حيدري واري علائقي مان هڪ عورت جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.
ان کان اڳ لياري جي جُمعه هال واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پ پ ڪارڪن محمد اعجاز، شڪور ۽ عنايت بلوچ مارجي ويا، جن جا لاش سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.
لياري جي ڪشتي چوڪ واري علائقي ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو، جيڪو به پ پ ڪارڪن ٻڌايو پيو وڃي.