ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي بدترين لوڊشيڊنگ تي ڪي اليڪٽرڪ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.
مولوي اقبال حيدر طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ توانائي واري وفاقي وزير، سنڌ حڪومت، ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت 14 ڪلاڪن تائين پهچي ويو آهي، شهري ذهني اذيت جو شڪار ٿي ويا آهن.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته شهر ۾ بجليءَ جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي فراهمي جو پابند بڻايو وڃي.