رانديون

October 26, 2021 6:31 pm

ڪا به رعايت نه، ٽيم ڪاوڙ ڪڍي: رميز راجا جي نيوزيلينڊ خلاف بيان جي گونج

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا جا سڪيورٽي خدشن جي آڙ ۾ پاڪستان کان واپس ايندڙ نيوزيلينڊ ٽيم لاءِ لفظ هڪ ڀيرو ٻيهر گونجيا.

20 سيپٽمبر تي رميز راجا هڪ وڊيو بيان ۾ نيوزيلينڊ کي خبردار ڪيو هو ته نيوزيلينڊ ٽيم جي پاڪستان اچڻ کانپوءِ واپسي تي سيڪيورٽي خدشن جو حوالو ڏنو ويو آهي.

پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته ڪنهن به رعايت نه ڏني ويندي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ گهرجي.

رميز راجا چيو ته پاڪستان جو پهريون ٽارگيٽ ڀارت هو، هاڻ نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ به نشانو بڻيل آهن.

ياد رهي ته گذريل مهيني نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سڪيورٽي خدشن سبب پاڪستان جو دورو اوچتو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز ملتوي ڪئي وئي هئي.

بعد ۾ نيوزيلينڊ جو هڪ طرفو دورو منسوخ ٿيڻ بعد انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ به پاڪستان جو دورو ختم ڪري ڇڏيو.

وڌيڪ پڙهو: