سنڌ

October 17, 2021 4:58 pm

ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پ پ جو ڪراچي ۾ جلسو، ڪارڪنن جي اچڻ جو سلسلو جاري

ڪار ساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي اڄ ڪراچي ۾ جلسو ڪري رهي آهي جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سميت مُک اڳواڻ خطاب ڪندا.

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قافلا جلسي ۾ شرڪت لاءِ اچي رهيا آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ٽوئٽ بيان ۾ چيو آهي ته پ پ ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ قربانيون ڏيندرن جي وارث آهي. جيالا ڪٺ پتلي حڪومت جي تماشي جو خاتمو آڻي ساهه پٽيندا. سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي قائداعظم جي مزار طرف ويندڙ سمورن روڊن کي عام ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي جنهن سبب عوام کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جلسي ۾ نه صرف ڪراچي پر سنڌ جي ٻين شهرن مان به ڪارڪنن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي.

جلسي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ جاري مهانگائي ۽ معاشي بدحالي جي خلاف پيپلز پارٽي جي آئنده لائحه عمل جو اعلان ڪندو. جناح باغ گرائونڊ ۾ جلسي جون تياريون آخري مرحلي ۾ پهچي ويون آهن. 120 فٽ ڊگهو ۽ 50 فٽ ويڪرو اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي جتي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سميت مُک اڳواڻ به موجود هوندا. پ پ اڳواڻن موجب 12 ربيع الاول سبب هن ڀيري جلسو 17 آڪٽوبر تي ڪيو پيو وڃي. وڏي انگ ۾ جيالا جلسي ۾ شرڪت ڪندا.

وڌيڪ پڙهو: