وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
ذريعن موجب وزيراعظم ميمبرن کي پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي معاملي تي بحث ڪرڻ کان روڪيندي چيو ته اهو حساس معاملو آهي، ان معاملي جي جاچ لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
وزيراعظم چيو ته معاملا خوشيءَ سان حل ڪيا پيا وڃن.
ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم اليڪشن ڪميشن جي معاملي تي وفاقي وزيرن کي هدايت ڪندي چيو ته فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي وزيرن سميت اليڪشن ڪميشن ۾ وڃن.