پاڪستان

تازه خبرون

October 21, 2021 5:35 pm

ڪابل: شاهه محمود ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ٻين عملدارن سان افغان وزيراعظم سان ملاقات

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڊائريڪٽر جنرل آف انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ۽ ٻين آفيسرن سان گڏ ڪابل پهتو ، جتي هن افغانستان جي نگران وزيراعظم ملا حسن اخوند سان ملاقات ڪئي.

ڪابل ايئرپورٽ تي پهچڻ تي، پاڪستاني وفد جو استقبال افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير عامر خان متڪي ، افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير منصور احمد خان ۽ افغان پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن ڪيو.

وزيراعظم جو خاص نمائندو افغانستان لاءِ محمد صادق ، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ، سيڪريٽري تجارت صالح احمد فاروقي ، چيئرمين پي آءِ اي ايئر مارشل (ر) ارشد ملڪ ، چيئرمين نادرا طارق ملڪ ، ڪسٽم ، پرڏيهي وزير، ايف بي آر ۽ پرڏيهي وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ گڏ هئا.

پرڏيهي وزارت موجب ، شاهه محمود قريشي افغانستان جي عبوري وزير اعظم ملا حسن اخوند سان ڪابل ۾ ملاقات ڪئي. افغان عبوري حڪومت جي نائب وزيراعظم مولوي عبدالسلام حنفي پرڏيهي وزير جو استقبال ڪيو.

ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ، واپار ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ افغان عوام کي معاشي بحران مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي مختلف پهلوئن تي خيالن جي ڏي و ڪئي وئي.

وڌيڪ پڙهو: