سنڌ

November 7, 2021 3:47 pm

کنڊ جو بحران ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪندو پيو وڃي : ايڊيمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته کنڊ جو بحران ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪندو پيو وڃي،

شگر انڪوائري ڪميشن ٺهڻ وقت نعرو لڳو ته خان ڪنهن کي به نه ڇڏيندو، پر هيل تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي،

راولپنڊي ۾ شگر ملز نه هلڻ جو ذميوار به سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو ويندو آهي هي پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ سڄو ملبو سنڌ حڪومت تي اڇلائيندا آهن،

شازيه مري چيو جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، عمران خان ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو، ملڪ ۾ پيٽرول ۽ تيل اگهن ۾ واڌ جو مقابلو ٿي رهيو آهي،

عامر ڪياني ۽ پرويز خٽڪ خلاف نيب انڪوائري بند ڪري اين آر او ڏنو ويو پر اپوزيشن خلاف ڪارروايون بند نٿيون ٿين.

ڪراچي ۾ شازيا مري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته کنڊ جو بحران ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪندو پيو وڃي،

پنجاب ۾ شوگر ملز نه پيون هلن، 15 نومبر کان ڪريشنگ ٿيندي، هي پنهنجي ناهالي لڪائڻ لاءِ سڄو ملبو ۽ ذميواري سنڌ حڪومت مٿان اڇلائيندا آهن.

مرتضيٰ وهاب چيو ته ،  راولپنڊي ۾ شگر ملز نه هلڻ جو ذميوار  به سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو ويندو  آهي.

شازيا مري چيو ته پي ٽي آءِ ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، 90 ڏينهن اندر ڪرپشن ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي پر وزيراعظم ۽ سندس وزير ڪرپشن ۾ رڌل آهن،

عمران خان ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو.

شازيا مري چيو ته ، ملڪ ۾ پيٽرول ۽ تيل اگهن ۾ واڌ جو مقابلو ٿي رهيو آهي، عوام ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ به پريشان آهي.

 

وڌيڪ پڙهو: