ڪاروبار

November 6, 2021 5:27 pm

کنڊ جو اگهه 160 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو

ڪوئيٽا ۾ کنڊ جو اگهه وڌيڪ 5 رپيا مهانگو ٿي 160 رپيا في ڪلو ٿي ويو.

مارڪيٽ ذريعن موجب ڪوئيٽا جي هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ 142 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته پرچون مارڪيٽ ۾ کنڊ جو اگهه 5 رپيا وڌي ويو آهي، جنهن کانپوءِ کنڊ 160 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چئن ڏينهن ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 47 رپيا في ڪلو واڌ ٿي آهي.

ٻئي طرف ملتان جي هول سيل مارڪيٽ ۾ مٺي کنڊ جو اگهه 90 رپيا في ڪلو ۽ هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جو اگهه 125 کان 130 رپيا في ڪلو آهي.

حيدرآباد ۾ کنڊ 148 کان 150 رپيا في ڪلو پرچون ۾ وڪرو ٿي رهي آهي جڏهن ته ميرپور آزاد ڪشمير ۾ کنڊ 150 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.

وڌيڪ پڙهو: