پاڪستان

April 11, 2022 11:48 am

ڌمڪي واري خط جـِي جاچ لاءِ داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ يا نه هئڻ تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد  هاءِ ڪورٽ مبينا ڌمڪي واري خط جـِي جاچ لاءِ داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ يا نه هئڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ بينچ درخواستگذار مولوي اقبال حيدر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت درخواستگذار کان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان هن معاملي کي سياسي ڇو بڻائي رهيا آهيو، هي رياست جي ذميواري آهي، عدالت ڇو آيا آهيو.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عمران خان سدائين خاموش رهيو، اپوزيشن پاران آندل بي اعتمادي رٿ جي موقعي تي آمريڪا تي سازش جو الزام هڻي رهيو آهي.

درخواسگذار دليل ڏنا ته آمريڪا سان پاڪستان سان پراڻا ۽ واپاري لاڳاپا آهن، ڊپلوميٽڪ ڪيبل جي آمريڪي اختيارن ترديد ڪئي آهي، وفاق جي ذميواري هئي ت معاملي جي جاچ ڪرائي ها ۽ معاملو عدالت کڻي وڃي ها.

درخواستگذار اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، فواد چوڌري ۽ شاهه محمود قريشي جا نالا اي سي ايل ۾ به وجهڻ جي استدعا ڪئي هئي..

وڌيڪ پڙهو: