پاڪستان

تازه خبرون

October 12, 2021 5:03 pm

ڊي جي آءِ ايس آءِ نوٽيفڪيشن واري معاملي تي وزيراعطم عمران خان ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو

وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي نوٽيفڪيشن وارو معاملو به بحث هيٺ آيو.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي نوٽيفڪيشن واري معاملي تي ڪابينه ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب ڪابينه اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته هن معاملي کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان هڪ پيج تي آهيون ۽ معاملو بهتر طريقي سان جلد حل ٿي ويندو.

وڌيڪ پڙهو: