اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ختم ٿي ويو.
ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان پارلياماني پارٽي کي موجوده صورتحال تي اعتماد ۾ ورتو.
ذريعن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ ڪا به غلط فهمي ناهي ۽ نه ئي ڪنهن جو فوجي قيادت سان مون کان بهتر تعلق آهي.
ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته وزيراعظم چيو ته انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي ڊائريڪٽر جنرل جي مقرري ۾ ڪا فني غلطي هئي جنهن کي درست ڪيو ويندو ، هن وڌيڪ چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري بابت مونجهارو ختم ڪيو ويو آهي.
وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌري پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ ۾ چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جلد ڪئي ويندي.