وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ پاران اي پي ايس سانحي جي پاڻمرادو ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ طلب ڪرڻ تي عدالت ۾ پيش ,
وزير اعظم جي روسٽرم تي اچڻ تي جسٽس قاضي محمد امين پڇيو ته مسٽر پرائم منسٽر اسان ڪو ننڍو ملڪ ناهيون، دنيا جي ڇهين وڏي فوج اسان جي آهي، اوهان جوابدارن کي سزا ڏيڻ بدران ڳالهين جي ٽيبل تي آندو آهي، ڇا اسان ڪو “سرينڊر” ڊاڪيومينٽ صحيح ڪرڻ وڃي رهيا آهيون؟.
وزيراعظم عدالت کي ٻڌايو ته جڏهن اي پي ايس سانحو پيش آيو ته مرڪز ۾ سندس حڪومت نه هئي، پي ٽي آءِ جي صوبي ۾ حڪومت هئي ۽ هر ممڪن قدم کنيا.
چيف جسٽس وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته هاڻي اوهان حڪومت ۾ آهيو، جوابدارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ڇا ڪيو؟.
چيف جسٽس اهو به پڇيو ته ايترا سال گذرڻ باوجود جوابدارن جو پتو ڇو ناهي لڳايو ويو؟.
وزيراعظم چيو ته نائن اليون سان اسان جو واسطو نه هو، پرويز مشرف ان جنگ ۾ ملوث ٿي ظلم ڪيو، اسان پنهنجي 80 هزار ماڻهن کي شهيد ڪرايو، سوين ڊرون حملا ڪيا ويا، پتو لڳايو وڃي ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟.
چيف جسٽس وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته وزيراعظم طور پتو لڳائڻ اهو اوهان جو ڪم آهي، عمران خان چيو ته عدالت حڪم ڪري اسان ايڪشن وٺڻ لاءِ تيار آهيون، ملڪ ۾ ڪا به مقدس ڳئون ناهي.