وفاقي حڪومت چين، روس ۽ قازقستان کان 5 5 ارب ڊالر قرض وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وزيراعظم جي تازي دوري دوران چين کان 3 ارب ڊالرن جي قرض لاءِ معاهدو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب ته پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ چين کان 3 ارب ڊالر قرض ورتو ويندو،
جڏهن ته روس ۽ قازقستان کان 2 ارب ڊالر ايم ايل ون تي خرچ ڪيا ويندا.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب اقتصادي معاملن واري وزارت قرض وٺڻ جو پلان تيار ڪري ورتو آهي.