اهم خبرون

پاڪستان

تازه خبرون

April 3, 2022 2:57 pm

چوڌري سرور جي پريس ڪانفرنس، برطرف گورنر پاران انڪشاف

لاهور: پنجاب جي برطرف گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته غير آئيني قدمن کان پاسو ڪرڻ تي الله جو شڪر گذار آهيان.

صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چوڌري محمد سرور چيو ته هن هميشه آئين جي پاسداري کي ترجيح ڏني، مان غير آئيني ڪم ڪيئن ٿو ڪري سگهان.

هن وڌيڪ چيو ته هن ڪجهه ڏينهن اڳ استعيفيٰ جي آڇ ڪئي هئي ته جيئن ڪنهن غير آئيني عمل کان پاسو ڪيو وڃي.

چوڌري محمد سرور چيو ته هو پنهنجي ساٿين جي مشاورت سان مستقبل جي حڪمت عملي جو اعلان ڪندو.

ياد رهي ته سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري اڄ سوشل ميڊيا ذريعي چوڌري سرور کي گورنر پنجاب جي عهدي تان برطرف ڪرڻ ۽ پوءِ ان جي جاءِ تي عمر سرفراز چيما کي نئون گورنر پنجاب مقرر ڪرڻ بابت ٻڌايو هو.

وڌيڪ پڙهو: