پاڪستان

تازه خبرون

November 14, 2021 12:03 pm

چونڊ سڌارا عمران خان يا تحريڪ انصاف جي ايجنڊا ناهي، هي هڪ قومي ايجنڊا آهي : فواد چوڌري

وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته چونڊ سڌارا عمران خان يا تحريڪ انصاف جي ايجنڊا ناهي، هي هڪ قومي ايجنڊا آهي، سموريون سياسي پارٽيون چونڊ سڌارن لاءِ  اڳتي وڌن.

ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته  جيڪڏهن  اهڙو چونڊ نظام  ترتيب ڏنو وڃي، جنهن تحت سموري قيادت چونڊ نتيجن تي اعتماد ڪري، ته اها سياسي نظام جي وڏي ڪاميابي  ٿيندي.

ٻئي پاسي وفاقي وزير فواد چوڌري هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته پي ڊي ايم سياسي لاوارثن  جو ٽولو آهي، ان جو ڪم  عوام کي صرف ڌوڪو ڏيڻ آهي.

هن چيو ته پي ڊي ايم ۽ مولانا فضل الرحمان  ناڪامين کانپوءِ  پهنجو هوش ۽ حواس وڃائي ويٺا آهن، لانگ مارچ هجي، شارٽ مارچ هجي يا ڪوئيڪ مارچ، اسان کي انهن مارچن  سان ڪوبه فرق نه پوندو..

وڌيڪ پڙهو: