پاڪستان

January 16, 2022 2:16 pm

چارئي شريف سياست مان مائنس آهن : شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چارئي شريف سياست مان مائنس آهن،

مخالف هڪ يا 2 نه پر 3 مارچ ڪن، ڪجهه به نه ٿيندو، مخالف ڌر بي اعتمادي واري رٿ آندي ته انهن کي  26 ووٽ پوندا، ڪا به اِن هائوس تبديلي نه پئي اچي.

پنڊي ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته شهباز شريف عمران خان لاءِ ڊيڄاريندڙ نه پر سٺو خواب آهي،بيماري جو ڊرامو ڪندڙ حقيقت ۾ بيمار ٿي پوندا آهن.

هن چيو ته مخالف ساڳيا آهي، جيڪي پوري اسيمبلي کي اغوا ڪري مري ۽ ڇانگا مانگا کڻي ويندا هئا،چون ٿا فنانس بل ان لاءِ پاس ٿي ويو جو فون ڪالز آيون.

گهرو وزير چيو ته آئون مري نه وڃان ها ته 23 بدران 30 کان 40 ماڻهو فوت ٿين ها،مون ادارن سان رابطا ڪيا ۽ امدادي ڪمن لاءِ ماڻهو گهرايا.

هن چيو ته ملڪ جي اپريل کانپوءِ صورتحال بهتر ٿيندي، سٺي بجيٽ ڏينداسين،مخالف رڳو تقريرون ڪري سگهن ٿا، ناڪامي انهن جو مقدر آهي.

شيخ رشيد چيو ته مخالف بزدلن جو ٽولو آهي، جيڪو پيسا ٺاهڻ لاءِ سياست ڪري ٿو،هي ڇانگا مانگا جي پيداوار آهن.

وڌيڪ پڙهو: