ايڊيشنل آءِ جي ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جوابدار ايم پي اي ڄام اويس کي پوليس طرفان وي آءِ پي پروٽوڪول ڏيڻ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمران يعقوب منهاس چيو ته ناظم جوکيو ڪيس مقتول جي گهر ڀاتين جي خواهش موجب ئي داخل ڪيو ويو ۽ ڪيس جي جاچ به ميرٽ تي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ايم پي اي ڄام اويس کي وي آءِ پي پروٽوڪول نه پيو ڏنو وڃي. هو هن وقت به ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ موجود آهي.
ڪراچي پوليس چيف چيو ته ڄام اويس جي عدالت ۾ پيشي تي هٿڪڙي نه لڳائڻ تي لاڳاپيل آفيسر کان جاچ ڪئي وئي آهي ۽ آفيسر جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم بابت هن چيو ته شهر ۾ وارداتون ٿي رهيون آهن پر گذريل 2 مهينن کان شهر ۾ ڏوهي وارداتن ۾ ٺاپر آئي آهي.