اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڀارت کي پاڪستان جي شڪست ڏيڻ تي ڪشمير ۾ جشن مودي ائنڊ ڪمپني جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي.
سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته پاڪستان هٿان ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي بدترين شڪست کانپوءِ ڪشمير ۾ جشن ملهايو ويو.
هن چيو ته ڪشمير ۾ جشن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ سندس چمچن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي هئڻ گهرجي.
فواد چوڌري چيو ته جهڙي ريت مسلمانن کي هڪ ڀيرو وري مودي جي چمچن ذهني ۽ جسماني اذيت جو نشانو بڻايو، ان جي مذمت ڪرڻي پوندي، شدت پسندي خلاف آواز اٿارڻو پوندو..