رانديون

October 19, 2021 2:03 pm

ڀارت سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا : رميز راجه

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجه چيو آهي ته ڀارت سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا.

ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اجلاس بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي رميز راجه چيو ته اي سي سي اجلاس سندس پهريون تجربو هو . ايندڙ ايونٽس ۾ پاڪستان پنهجو ڪردار ڪيئن ادا ڪري سگهي ٿو ، ان تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

رميز راجه جو چوڻ هوته سري لنڪا جي ميزباني ۾ ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تي کيڏيو ويندو ، جڏهن ته 2023 ۾ ايشيا ڪپ پنجاهه اوورس جي فارميٽ تي ٿيندو.

هن وڌيڪ چيو ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ان مقصد لاءِ جوڙي وئي هئي ته ايشيا جو آواز بڻجي سگهي ۽ ايشين بلاڪ کي مضبوطي حاصل ٿي سگهي.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ پاڪ ڀارت مقابلي بابت ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته پاڪ ڀارت ميچ اچي رهيو آهي، ڪرڪيٽ جي مداحن کي اپيل ٿو ڪيا ته هو پاڪستان کي سپورٽ ڪن..

وڌيڪ پڙهو: