رانديون

November 7, 2021 7:12 pm

ڀارت جون اميدون خاڪ، نيوزيلينڊ افغانستان کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي

آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي گروپ 2 جي اهم ترين ميچ ۾ نيوزيلينڊ افغانستان کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

نيوزيلينڊ 125 رنسن جو هدف آسانيءَ سان 19 هين اوور ۾ پورو ڪيو ۽ گروپ 2 مان سيمي فائنل ۾ پهچندڙ ٻي ٽيم بڻجي وئي.

ان کان اڳ پاڪستان گروپ 2 مان اڳ ۾ ئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪو آهي.

ابوظهبي ۾ کيڏيل ميچ ۾ افغانستان جي ڪپتان محمد نبي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

افغانستان بيٽنگ دوران سخت محنت ڪئي ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنسون ٺاهيون.

 

وڌيڪ پڙهو: