ڀارتي حڪومت سڀاڻي کان ڪرتارپور راهداري کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارت جي گهرو وزير اميت شاهه ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ سڀاڻي کان ڪرتارپور راهداري کولڻ جو اعلان ڪيو.
ڀارتي وزير بابا گرو نانڪ جي جنم ڏينهن جون تقريبون شروع ٿيڻ کان ٻه ڏينهن اڳ ڪوريڊور کولڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن ڀارت 19 نومبر کان راهداري کولڻ جو اعلان ڪيو هو.
اميت شاهه چيو ته وزيراعظم مودي جي حڪومت سڀاڻي 17 نومبر کان ڪرتارپور راهداري کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان اهم فيصلي مان بيشمار سک ياتري فائدو حاصل ڪري سگهندا.
ڀارتي وزير چيو ته مودي حڪومت جو اهو فيصلو گرو نانڪ ۽ سک برادري جي احترام جو عڪاسي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب پنجاب جي وڏي وزير نوجوت سدهو ۽ ڪيترن ئي سک اڳواڻن حڪومت کان ڪرتارپور راهداري کولڻ جي درخواست ڪئي هئي، جڏهن ته اڳوڻي وڏي وزير امريندر سنگهه ۽ سڌُو به ان حوالي سان ٽوئيٽ ڪيو.